ڇا حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالھيون ختم ٿي رھيون آھن؟ شوڪت يوسف زئي ٻڌائي ڇڏيو

پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ميڊيا تي شير افضل مروت ۽ سلمان اڪرم راجا جي لفظي ويڙهه ڏسي افسوس ٿيو. سينئر قيادت جي ذميواري آهي ته پارٽي ۾ نظم ضبط قائم ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سان تحريڪ انصاف جو ٽيون دور شايد آخري هجي، ڇو ته حڪومت جو رويو سنجيده ناهي. حڪومت هاڻي پوئتي پير ڪيا آھن، جڏهن ته عمران خان اڳ ۾ ئي چيو هو ته حڪومت وٽ اختيار ناهي، پر اهو سٺو ٿيو جو پي ٽي آءِ ڳالھيون ڪري حڪومت کي وائکو ڪري ڇڏيو.
شوڪت يوسفزئي چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ملڪ تي بار آهن. اهي “اُڏام پاڪستان” جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر پئسو ڪٿي آهي؟ ملڪ ۾ امن امان، قانون جي حڪمراني ۽ سياسي استحڪام نه هجي ته ڪير پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو؟
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت ٻن سالن ۾ 27 هزار ارب رپين جو قرض ورتو آهي. ڇا “اُڏام پاڪستان” قرض تي هلندو؟ حڪومت ٻڌائي ته اهي 27 هزار ارب رپيا ڪٿي خرچ ٿيا؟ قوم کي حساب ڏئي، ڇو ته عوام کي هڪ رپئي جو به ريليف نه مليو آهي.
هن چيو ته حڪومت ڳالھين کان خوفزده لڳي ٿي. جيڪڏهن اختيار آهي ته عمران خان سان ڳالھين واري ڪميٽي جي ملاقات ڇو نٿي ڪرائي وڃي؟
شوڪت يوسفزئي جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ ترقي جون ڪوڙيون دعوائون ڪيون پيووڃن. ليپ ٽاپ ورهائڻ سان عوام جو قرب حاصل نٿو ڪري سگھجي. مون ڪيترائي نوجوان ڏٺا آهن، جن مريم نواز کان ليپ ٽاپ ته ورتا آهن، پر ان تي تصوير عمران خان جي لڳائي آهي.

پنھنجي راءِ لکو