آمريڪي ڪانگريس اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي وزير دفاع لاءِ جاري ڪيل گرفتاري وارنٽس تي بين الاقوامي فوجداري عدالت تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو آھي.
آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب، غزه ۾ اسرائيل جي حملن جي نتيجي ۾ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ اڳوڻي وزير دفاع لاءِ بين الاقوامي فوجداري عدالت طرفان گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ تي آمريڪي ڪانگريس ۾ ووٽنگ ٿي.
ايوان نمائندگان جي 243 ميمبرن عالمي فوجداري عدالت تي پابندي جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 140 ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي. “آمريڪي غيرقانوني ڪورٽ ڪائونٽر ايڪشن ايڪٽ” انهن ملڪن جي شهرين، جن ۾ اسرائيل سميت آمريڪا جا اتحادي شامل آهن، خلاف ڪنهن به قسم جي جاچ، گرفتاري، حراست يا قانوني ڪارروائي کي محدود ڪري ٿو، جيڪي عدالت جا ميمبر نه آهن.
45 ڊيموڪريٽس بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 198 ريپبلڪن ميمبرن مان به بل جي حمايت ڪئي.
ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي ريپبلڪن چيئرمين برائن ماسٽ ووٽنگ کان اڳ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا هي قانون ان ڪري منظور ڪري رهيو آهي، ڇو ته هڪ “ڪينگرو ڪورٽ” اسان جي عظيم اتحادي اسرائيل جي وزيراعظم کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هي ايوان نمائندگان ۾ نئين ڪانگريس جي اجلاس کان پوءِ پهرين ووٽنگ هئي.