لاس اينجلس: آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ تاريخ جي بدترين باهه اڃا تائين نه وسامي سگھي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 12 هزار گهر ۽ عمارتون رَک ۾ تبديل ٿي ويون آهن.
غير ملڪي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا جي تاريخي شهر ۾ اڱاري کان لڳل باهه تي اڃا تائين ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته عملدارن هن وقت تائين باهه سبب 11 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ ان انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.
عملدارن جو چوڻ آهي ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته فوت ٿيل ماڻهن جو اصل انگ ڪيترو آھي، پر باهه جي ڪري 2 لک ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته نقصان جو شروعاتي اندازو تقريباً هڪ سؤ پنجاهه ارب ڊالر تائين پهتو آهي.
پيئسفڪ پيلسڊس وارو علائقو باهه سبب سخت متاثر ٿيو آهي، اهو علائقو جتي هالي ووڊ جي مشهور شخصيتن ۽ ارب پتي ماڻهن جا گهر آهن.
باهه جي نتيجي ۾ ڪم ڪارڊيشين سميت ڪيترائي مشهور هالي ووڊ سيليبريٽيز اربين روپين جا قيمتي گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن،
جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ڦرلٽ جا واقعا به پيش آيا آهن.
ٻئي پاسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عملدارن پيئلسڊس ۽ ايٽون جي علائقن ۾ رات جو ڪرفيو لڳائي ڇڏيو آهي.
ٻئي طرف هوا جي دٻاءُ گهٽجڻ سبب فائر فائٽرز کي باهه تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڪجهه حد تائين ڪاميابي ملي آهي.
ان کان علاوه، رياست جي گورنر نيوسم، استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ ڊونلڊ ٽرمپ کي متاثر ٿيل رياست ۾ اچي پاڻ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي دعوت ڏني آهي.
آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ باهه جا شعلو جمعي تي به تباهي واري راهه اختيار ڪندا رهيا، آمريڪي عملدارن جو خيال آهي ته “دنيا جو ڪوبه ‘پاڻي جو نظام’ لاس اينجلس جي باهه وسائڻ جي صلاحيت نٿو رکي.”
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي رپورٽ موجب فائر برگيڊ جي عملدارن نقصان جو اندازو لڳائڻ ۽ باهه ڪيئن شروع ٿي، ان جي طئہ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ وڏو سوال اهو پيدا ٿيو ته ڇا ان سطح جي تباهي کي ڪنهن به ريت گهٽائي سگهجي پيو، يا اها ماحولياتي آفتن جي دور جو نئون معمول بڻجي رهي آهي؟
حڪومتي رپورٽن ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ ماهرن جي انٽرويوز جي جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته حتمي جواب ٻنهي جو “مرڪب” آهي.
لاس اينجلس شهر ۽ ڪائونٽي جي عملدارن باهه کي هڪ “عظيم طوفان” قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ 100 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ايندڙ طوفاني هوائن کين انهن اهم هوائي جهازن کي استعمال ڪرڻ کان روڪيو، جيڪي ڏڪار کان متاثر ٿيل علائقن ۾ پاڻي ۽ باهه کي روڪڻ لاءِ استعمال ٿيندا آھن.
ماهرن جي متفقه راءِ آهي ته هڪ ئي جاگرافيائي خطي ۾ انهن هوائن، غير موسمي خشڪي وارين حالتن ۽ لڳاتار پکڙجندڙ باهه سبب وڏي پيماني تي تباهي کي اڻٽر بڻائي ڇڏيو.
”بهرحال، انسان جي حيثيت سان اسان فطرت جي غضب جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه قدم کڻي سگهياسين. نباتات جي ناقص انتظام، پراڻي بنيادي ڍانچي، گهرن ۽ منصوبا بندي جي کوٽ شايد باهه جو سبب بڻيا آھن، جنهن 55 چورس ميل کان وڌيڪ علائقي کي ساڙي ڇڏيو، هزارين عمارتون تباهه ٿي ويون ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن“.
لاس اينجلس جي ميئر ڪيرن باس مڪمل جاچ جو واعدو ڪندي چيو، “يقين رکو.” هن چيو ته اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين ته عملدارن، ماڻهن يا سڀني کي جوابده بڻائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ؟.