عمران خان پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان پشاور ۾ ٿيل ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي.

اڊيالا جيل جي عدالت جي ڪمري ۾ باني پي ٽي آءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪيون، جن ۾ صحافين کانئس بئريسٽر گوهر ۽ آرمي چيف جي ملاقات بابت پڇيو. شروعات ۾ هن ترديد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته کيس تفصيلن جي خبر ناهي.
عمران خان بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته، “آرمي چيف سان ملاقات خوش آئند ڳالهه آهي، جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه شروع ٿي آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي، هي پاڪستان لاءِ بهتر آهي، اسان اهو ئي چاهيون پيا ته ڳالهين جو سلسلو شروع ٿئي، ان ۾ پاڪستان جي استحڪام بابت ڳالهه ٿيندي.”
باني پي ٽي آءِ چيو ته، “اسٽيبلشمينٽ کي اسان سان ڳالهائڻ گهرجي، مون ڪڏهن به ناهي چيو ته ڳالهين جو دروازو بند آهي. هميشه ڳالهين جو مطالبو ڪيو آهي، پر ٻئي طرف کان دروازا بند هئا. هاڻي جيڪڏهن ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو آهي ته اهو پاڪستان جي استحڪام لاءِ هوندو.”

بئريسٽر گوهر جي به تصديق
ٻئي طرف بئريسٽر گوهر پڻ تصديق ڪندي چيو ته، “منهنجي ۽ علي امين گنڊا پور جي آرمي چيف سان ملاقات الڳ ٿي. آرمي چيف اڳيان پي ٽي آءِ جا سمورا معاملا ۽ مطالبا رکيا، ۽ پنهنجا سڀ مسئلا آرمي چيف جي سامهون پيش ڪيا.”
هن چيو ته، “آرمي چيف سان ملاقات ۾ ملڪي استحڪام بابت سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ۽ ملاقات ۾ ٻئي طرف کان به مثبت جواب مليو آهي. اسٽيبلشمينٽ سان سڌو سنئون ڳالهه ٻوله خوش آئند آهي. اميد آهي ته هاڻي صورتحال بهتر ٿي ويندي.”
واضح رهي ته چيئرمين تحريڪ انصاف گذريل ڏينهن آرمي چيف سان ملاقات جي ترديد ڪئي هئي

پنھنجي راءِ لکو