اسلام آباد: حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين مرحلي کان پوءِ، حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر عرفان صديقي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هاڻي صورتحال بهتر ٿي ويندي.
پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهين کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ ڳالهين بابت تفصيل ٻڌايا ويا. ٻڌايو ويو ته حڪومت پي ٽي آءِ جي مطالبن جو رسمي جواب 7 ڏينهن اندر ڏيندي.
سينيٽر عرفان صديقي گڏيل بيان پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته اڄ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور ٿيو. پي ٽي آءِ طرفان عمر ايوب خان، علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا، علامه ناصر عباس، سلمان اڪرم راجا شرڪت ڪئي، جڏهن ته حڪومت طرفان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، عرفان صديقي، رانا ثناالله خان، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، فاروق ستار، عبدالعليم خان ۽ ٻيا شامل هئا.
هن ٻڌايو ته اپوزيشن ڪميٽي مطالبو ڪيو ته باني پي ٽي آءِ سان جيل ۾ “آجي ملاقات” جو موقعو ڏنو وڃي. حڪومتي ميمبرن به هن مطالبي جي حمايت ڪئي. ايندڙ اجلاس جي تاريخ جو اعلان اسپيڪر سردار اياز صادق ٻنهي ڪميٽين سان ڳالهين کانپوءِ ڪندو. اميد آهي ته هاڻي صورتحال بهتر ٿي ويندي.
عرفان صديقي چيو ته ٻنهي ڪميٽين ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش تي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي تعريف ڪئي. اپوزيشن ڪميٽي جي سربراهه عمر ايوب چارٽر آف ڊيمانڊ پڙهي ٻڌايو، جنهن دوران طئي ٿيو ته حڪومت پي ٽي آءِ جي مطالبن جو تحريري جواب 7 ڏينهن اندر ڏيندي
ٻئي طرف وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثنااللہ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ اپوزيشن جا ٻه بنيادي مطالبا آهن، جن جو هو گذريل 10، 11 مهينن کان ذڪر ڪري رهيا آهن. پهريون اهو ته اسان کي پنهنجو مينڊيٽ واپس ڏنو وڃي، جنهن تي اسان کين چيو ته ان لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪيو وڃي، اڄ ان مطالبي تان هو دستبردار ٿي ويا آهن ۽ اڄوڪي ملاقات ۾ اليڪشن بابت ڪو به مطالبو نه ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته اپوزيشن جو ٻيو مطالبو اهو هو ته سڀ ڪيس سياسي بنيادن تي ٺاهيا ويا آهن، جنهن تي اسان کين چيو هو ته توهان اسان کي انهن ڪيسن جا ايف آءِ آر نمبر ڏيو، جن سياسي ڪارڪنن خلاف اهڙا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، پر هنن ان سلسلي ۾ ڪا به تفصيل فراهم نه ڪئي آهي.
هن ٻڌايو ته اپوزيشن پنهنجي چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻه ڪميشن قائم ڪري، جن جي سربراهي يا ته پاڪستان جي چيف جسٽس ڪري يا سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ججن مان ڪنهن کي ھڪ کي سربراهي ڏني وڃي. اهي ڪميشن انڪوائري ايڪٽ 2017 تحت ٺاهيا وڃن.
رانا ثناءالله چيو ته تحريري مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري بابت جاچ ڪري. اهو معاملو اڳ ۾ ئي سپريم ڪورٽ ۾ آهي ۽ ان تي پهرين ئي عدالتي جائزو ٿي چڪو آهي، ته پوءِ ان ۾ ٻيهر چيف جسٽس ڇا جي جاچ ڪندو؟
هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حدن ۾ رينجرز طرفان عمران خان جي گرفتاري جي قانوني حيثيت ۽ ذميوارن خلاف جاچ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. اهو معاملو به اڳ ۾ ئي عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻجي چڪو آهي، ۽ ان وقت ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي چڪي هئي.
رانا ثناءالله چيو ته اپوزيشن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته ڪميشن 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري وقت جي حالتن جي جاچ ڪري ته ڪهڙين حالتن ۾ ماڻهن يا گروهن کي اهم سيڪيورٽي هنڌن تائين پهچ ملي. هن چيو ته اهي سڀئي ڪيس دهشتگردي جي عدالتن ۾ هلي رهيا آهن ۽ ڪجهه جا فوجي عدالتن ۾ اڳ ئي فيصلا ٿي چڪا آهن.
وزيراعظم جي مشير ٻڌايو ته اهي سڀئي ڪيس اڳ ئي عدالتن ۾ آهن، تنهن ڪري انهن لاءِ نئين ڪميشن ٺاهڻ جو ڪو به جواز ناهي. جڏهن ڪيس عدالتن ۾ ڪنهن به سطح تي هلي رهيا هجن ته ان ۾ ڪميشن ڇا ڪري سگهندي؟
هن چيو ته پي ٽي آءِ اهو به مطالبو ڪيو آهي ته ڪميشن اهو به ڏسي ته ماڻهن کي ڪهڙين حالتن ۾ گرفتار ڪيو ويو. ھن چيو تہ جيڪي به ڪيس هلي رهيا آهن، انھن ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو ويو آهي ته ڪير ڪٿان ۽ ڪيئن گرفتار ٿيو.
رانا ثناءالله چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻئي ڪميشن بابت مطالبو 24 کان 27 نومبر دوران فائرنگ جي واقعن تي ٻڌل آهي ته ڪميشن ان بابت جاچ ڪري، ۽ ان دوران جيڪي ماڻهو فوت ٿيا يا گم ٿي ويا، انهن بابت جاچ ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ان بابت پروپيگنڊا هڪ مهيني کان هلي رهي آهي، جيڪا پهرين 20 ماڻھن کان شروع ٿي، پوءِ 278 ۽ 315 تائين پهتي، ۽ پوءِ سوين ماڻهن تائين ڳالهه پهتي ته اسان جا ماڻهو ماريا ويا. اڄ انهن کي فهرست مهيا ڪرڻ گهرجي ها ته اسان جا ڪيترا ۽ ڪھڙا ماڻهو فوت يا گم ٿي ويا آهن.
هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا مطالبا پروپيگنڊا کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهن. پي ٽي آءِ جو چارٽر آف ڊيمانڊ ڪوڙ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي، انهن مطالبن جو ڪو به جواب نٿو ٺهي. پي ٽي آءِ انهن مطالبن سان گڏ ڪنهن به قسم جي تفصيل يا ڊيٽا فراهم نه ڪئي آهي، تنهن ڪري ان تي 2017 جي ايڪٽ تحت عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو جواز ناهي.
وزيراعظم جي مشير وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي اڄ پيش ڪيل تحريري مطالبن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿا ڪن. خاص طور تي اها ڳالهه قابل مذمت آهي ته هنن سڄي دنيا ۾ اسان جي ادارن ۽ رياست خلاف پروپيگنڊا ڪيو، پر اڄ به انهن وٽ ڪا به تفصيل ناهي.