وائٽ ھائوس جي ترجمان مڇرجي پئي. ھنگري ۾ ٽرمپ پيوٽن ملاقات جو فيصلو ڪنھن ڪيو؟ ”ماڻھين ڪيو“ صحافي جي سوال تي جواب

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي هم منصب ولاديمير پيوٽن جي هنگري ۾ ملاقات بابت پڇيل سوال تي وائٽ هائوس جي ترجمان جو عجيب جواب ميڊيا جي زينت بڻجي ويو.
چند ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ روسي صدر پيوٽن جي وچ ۾ ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن هنگري جي گاديءَ واري شهر بڊاپيسٽ ۾ ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو.
ان حوالي سان جڏهن هڪ صحافي وائٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليواٽ کان پڇيو ته “بڊاپيسٽ ۾ ٽرمپ ۽ پيوٽن جي ملاقات جو فيصلو ڪنهن ڪيو؟” ته ڪيرولين ليواٽ طنز ڪندي جواب ڏنو: “ماڻھين ڪيو.”
وضاحت ۽ ڇڙواڳ جملو
غير ملڪي ميڊيا موجب، جڏهن ترجمان کان پڇيو ويو ته ڇا اهو جواب مذاق ۾ ڏنو ويو آهي؟ ته ڪيرولين ليواٽ چيو:
“تون کاٻي ڌر سان لاڳاپيل آهين ۽ پاڻ کي صحافي سڏائين ٿو. منهنجي لاءِ ته اها ڳالهه صرف مذاق آهي، ڇاڪاڻ ته ڪو به توکي سنجيدگي سان نٿو وٺي. ان حد تائين جو تنهنجا ساٿي به توکي سنجيدگي سان نٿا وٺن. مهرباني ڪري مون کان فضول سوال ڪرڻ بند ڪر.”

پنھنجي راءِ لکو