مولانا فضل الرحمان مٿان ناڪام آپگھاتي منصوبي جو ماسٽر مائينڊ مارجي ويو

خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪرڪ ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تي ناڪام خودڪش حملي جي منصوبي ۾ ملوث داعش خراسان جو هڪ اهم ڪمانڊر پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو۔ شايع ٿيل رپورٽ موجب ذريعن ٻڌايو وڌيڪ پڙھو

زھران ممداني جي ڪاميابي نئين اميدن جا در کوليا آھن، ڊان جو ا يڊيٽوريل

نيويارڪ سٽي جي ميئر جي چونڊ ۾ زهران ممداني جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان کي آمريڪي قانون ساز برني سينڊرز پنهنجي لفظن ۾ ”جديد آمريڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي سياسي اپ سيٽن مان هڪ“ قرار ڏنو آهي۔ زهران وڌيڪ پڙھو

پارليمنٽ جا ميمبر بہ ھيڪرن ھٿان لُٽجي ويا، ڪنھن ڪيتري رقم ڏني؟ نالا سامھون اچي ويا

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي داخلي معاملا جو اجلاس چيئرمين سينيٽر فيصل سليم جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هيڪرن مختلف پارليامينٽ ميمبرن کي آن لائين فراڊ ذريعي لکين رپين جو نقصان پهچايو آهي۔ اجلاس وڌيڪ پڙھو

ستاويھين ترميم ذريعي ارڙھين ترميم ختم نہ ٿيندي، حڪومت پاران قومي اسيمبلي کي خاطري، مخالف ڌر پاران محمود اچڪزئي کي مخالف ڌر اڳواڻ مقرر نہ ڪرڻ تي احتجاج

وفاقي وزيرِ دفاع خواجا آصف چيو آهي ته تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم بابت اتفاقِ راءِ ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن کان پوءِ هي قانون سازي ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ پڙھو

پنجاب کي 2 ۽ سنڌ کي ھلندڙ سال 100 ارب گھٽ ڏنا ويا، قرضن جي بار مالي گنجائش کي ڳڙڪائي ڇڏيو، نئون بحث شروع

وڌندڙ قرضن جي بار مالي گنجائش جو وڏو حصو ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ حڪومت اين ايف سي (National Finance Commission) ايوارڊ تحت صوبن جي حصي کي محدود ڪرڻ جي تجويز ڏئي رهي آهي۔ مکيه سياسي پارٽيون ، مسلم ليگ (ن)، وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ ڊينگي بخار تيزي سان پکڙجڻ سبب 4ماڻھو وڌيڪ فوت، ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ

ڊينگي بخار جي صورتحال ڏينهن بہ ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ⁠تہ صحت کاتي اڱاري ڏينهن وڌيڪ 4 مريضن جي موت جي تصديق ڪئي آهي۔ رپورٽ موجب، صحت کاتي جي جاري ڪيل نون انگن اکرن مان معلوم ٿيو آهي ته وڌيڪ پڙھو

روڪ رقم وٺو ۽ واپس پنھنجي ملڪ وڃو، جرمني پاران افغان پناھگيرن کي آڇ

جرمني انهن افغان پناهگيرن کيروڪ رقم جي پيشڪش ڪئي آهي، جيڪي برلن ۾ آبادڪاري پروگرام ۾ پنهنجي جڳهه ڇڏڻ تي راضي ٿين۔ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب، اهي افغان اڳوڻي جرمن حڪومت جي قائم ڪيل هڪ پناهگير پروگرام وڌيڪ پڙھو

گودامن ۾ ڌٻا کڻي جن جا ھٿ ڇلجي ويا، اھي اڄ ڪامياب ٿيا، اشرافيہ چيو اقتدار اوھان جو ناھي، پر اسان ڪري ڏيکاريو: ميئرچونڊجڻ بعد زھران جو خطاب

نيويارڪ سٽي جو ميئر چونڊجڻ کان پوءِ زهران ممداني چيو: “اسان نيويارڪ ۾ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي۔ نيويارڪ ۾ موروثي سياست جو خاتمو ڪيو ويو آهي۔ ماڻهن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته طاقت سندن هٿ ۾ آهي، مستقبل اسان وڌيڪ پڙھو