افغانستان مان ڊرون دراندازي، پاڪستان جا 10 فضائي ۽ ڊرون حملا

پاڪستان 23 سيپٽمبر تي افغان سرزمين مان ايندڙ ڊرونز جي دراندازي تي دهشتگردن کي سندن ئي زبان ۾ سخت جواب ڏنو آهي. پاڪستان وطن جي دفاع جي حق کي استعمال ڪندي افغانستان ۾ انهن 10 هنڌن تي فضائي ۽ ڊرون وڌيڪ پڙھو

چيني صدر شي جن پنگ ٽن ڏينهن جي دوري تي آمريڪا پهچي ويو، صدر ٽرمپ پاڻ فوجي اڏي تي استقبال لاءِ پهتو

چيني صدر شي جن پنگ ٽن ڏينهن جي دوري تي آمريڪا پهچي ويو آهي، جڏهن ته سندس استقبال لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ فوجي اڏي تي پهتو. اينڊريوز ملٽري بيس تي ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس گهرواري ميلانيا ٽرمپ ريڊ وڌيڪ پڙھو

آبنائي هرمز ۾ واپاري بحري جهاز تي حملو، آمريڪي پابندين سبب مختلف ملڪن ۾ ايراني اڏامون رد

آبنائي هرمز ۾ هڪ واپاري بحري جهاز کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب انجڻ روم ۾ باهه ڀڙڪي پئي، جڏهن ته عملي جو هڪ ڀارتي ميمبر مارجي ويو. ٻئي طرف آمريڪي پابندين کان پوءِ ايراني ايئرلائينز جون ڪيتريون ئي اڏامون وڌيڪ پڙھو

حيران آھيان تہ ايراني وفد آمريڪا مان واپس ڪيئن ويندو؟: آمريڪي ناڻي وارو وزير

آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ايران مان پرڏيهه ويندڙ 80 کان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ اڏامون بند ٿي چڪيون آهن، کيس حيرت آهي ته گڏيل قومن جي اجلاس لاءِ نيويارڪ ۾ موجود ايراني وفد واپس ڪيئن وڌيڪ پڙھو

پاڪستان جي احتجاجي سياست ۾ لانگ مارچ: اسلام آباد ڏانهن ويندڙ وڏن احتجاجن جي تاريخ

محمد عبيداللہ پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت کي دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ گادي واري شهر ڏانهن ”لانگ مارچ“ سياسي مزاحمت جو هڪ اهم هٿيار بڻجي چڪو آهي. گذريل لڳ ڀڳ پنجن ڏهاڪن دوران مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن، وڪيلن ۽ ٻين وڌيڪ پڙھو

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جون اهي يادگار تقريرون، جيڪي اڄ به تاريخ جو حصو آهن

محمد عبيداللہ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي لڳ ڀڳ 8 ڏهاڪن کان دنيا جو سڀ کان وڏو سفارتي فورم آهي، جتي هر ميمبر ملڪ عالمي مسئلن ۽ ضرورتن سميت مختلف معاملن بابت پنهنجو موقف دنيا آڏو رکي سگهي ٿو. تنهن وڌيڪ پڙھو

محسن نقوي ايران پھچي ويو، پاسداران انقلاب جي سربراهه سان ملاقات

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاسداران انقلاب جي سربراهه جنرل احمد وحيدي سان ملاقات ڪئي آهي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران محسن نقوي ۽ جنرل احمد وحيدي وچ ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ وڌيڪ پڙھو

ايراني وفد سان ٽياڪڙن ذريعي ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي، نتيجا مثبت آهن: اسٽيو وٽڪوف

آمريڪا جي خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٽياڪڙن ذريعي ايراني وفد سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو وڌيڪ پڙھو

گڏيل قومن جي اجلاس دوران قطري ٽياڪڙن ذريعي ايران جا شرط آمريڪا تائين پهچائي ڇڏيا: اسماعيل بقائي

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ايراني نمائندن ۽ آمريڪي وفد وچ ۾ ٿيل رابطو قطري ٽياڪڙن ذريعي ٿيو ۽ ان دوران ايران جا وڌيڪ پڙھو

غزه تي ڪجھ نہ ڪيو ته اسان جي ساک ڇا رهندي؟ فرانسي صدر جو يو اين اسمبلي ۾ آخري خطاب

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرانسي صدر ايمانوئل ميڪخواں چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو غزه ۾ ”هڪ مبينا امن جو دهل وڄائي رهيا آهن، پر ان امن باوجود هڪ لمحي لاءِ به انساني امداد جي وڌيڪ پڙھو