سينيٽ اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران پيش ڪيل بل ۾ سينيٽرن جون مختلف ترميمون بہ شامل ڪيون ويون. جن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي قانون واري وزير چيو تہ ٻٽي شھريت وارو ڪوبہ شخص نيشنل فرانزڪ ايجنسي جو ڊي جي نہ بڻجي سگھندو.ھن ايوان کي ٻڌايو تہ وفاقي وزيرن کي 1500 سي سي ڪار ۽ 400 ليٽر پئٽرول فراھم ڪيو ويندو آھي. ھن جو چوڻ ھو تہ ھن وقت ڪابينا جا 95 سيڪڙو وزير پگھار نٿا وٺن، بجلي ۽ گئس جو بل بہ ھو پنھنجي کيسي مان ادا ڪن ٿا. کين سرڪاري مراعاتون نٿيون ڏنيون وڃن. ھن جو چوڻ ھو تہ وزيرن جي پگھار ۾ اضافي جي ڳالھ ڪريون ٿا تہ پارليمينٽ پاڻ چوي ٿي تہ معاشي تنگي آھي. وفاقي وزير قانون ٻڌايو تہ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي پگھار ھڪ لک 56 ھزار رپيا آھي. پارليمينٽرين کي ڪابہ گاڏي نہ ڏني ويندي آھي.ھنن کي يوٽيليٽي بلن جي مد ۾ 8 ھزار رپيا ڏنا ويندا آھن. سوالن واري وقفي ۾ گھرو معاملن واري وفاقي وزارت لکت ۾ ايوان کي آگاھي ڏني تہ جنھن ۾ ٻڌايو ويو تہ گذريل ٻن سالن کان نادرا ڪفايت شعاري جي پاليسي تحت ڪابہ گاڏي خريد نہ ڪئي آھي، 2022 ۾ اسٽاف جي پڪ اينڊ ڊراپ ۽ آپريشنل مقصدن لاءِ 35 بسون ۽ ڪوسٽرز خريد ڪيون ويون، نادرا 2022ع ۾ 26 ڪروڙ 43 لک 34 ھزار رپين جي ماليت جون گاڏيون خريد ڪيون.