لڪي مروت: پاڪستان تحريڪ انصاف لڪي مروت کان لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
آچر جي منجهند خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت کان روانو ٿيندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ڪرڪ پهچي ويو آهي، جتي قافلي رات گذاري. مارچ جي قيادت خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪري رهيو آهي.
بنون ۽ ڪرڪ جي سرحد تي قائم ختم نبوت چوڪ تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته سندس جماعت ڳالهين تي يقين رکي ٿي، پر تازين ڳالهين ۾ ڪجهه حلقن طرفان اهڙا مطالبا سامهون آيا، جن کي سندس حڪومت صوبي ۽ عوام جي مفاد خلاف سمجهي ٿي.
لانگ مارچ جي شروعات تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير چيو ته اسان ضلعي خيبر ڏانهن روانا ٿي رهيا آهيون ۽ سومر ڏينهن خيبر ۾ ماڻهن جو انگ لکن تائين پهچي ويندو. جڏهن اسان صوابي پهچنداسين ته اتي لکين ماڻهن جو سمنڊ موجود هوندو.
هن چيو ته اسان هر روز هڪ نئين منصوبي جو اعلان ڪنداسين ۽ جڏهن صوابي پهچنداسين ته هي تحريڪ ملڪ جي هر ڪنڊ تائين پهچي چڪي هوندي ۽ هر چوڪ سرگرمين جو مرڪز بڻجي چڪو هوندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جا 7 مطالبا آهن، جيڪڏهن خاطرين تي عمل ٿيو ته لانگ مارچ ختم ڪري ڇڏينداسين.
سهيل آفريدي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقاتن جو به مطالبو ڪيو آهي.
هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي لکيو ته وڏن سياسي، قومي، آئيني ۽ قانوني معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ وزيراعظم حڪومت، پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر تي ٻڌل گڏيل ڪميٽي قائم ڪري.
ٻئي طرف حڪومت طرفان الزام لڳايو پيو وڃي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي جو ذميوار سهيل آفريدي آهي.
گهرو وزير محسن نقوي چيو ته جڏهن معاهدي جو مسوَدو حتمي ٿي ويو ته سهيل آفريدي متحرڪ ٿي ويو ۽ هن ئي ڳالهين کي ناڪام بڻايو.
هن چيو ته مخالف ڌر جي ڳالهين واري ٽيم نيڪ نيتي سان ڳالهيون ڪيون، ان تي ڪو الزام نه لڳائيندس.
محسن نقوي چيو ته 12 ڪلاڪن جي ڳالهين دوران مسودو 4 ڀيرا تبديل ڪيو ويو. جيڪڏهن فيصلا سهيل آفريدي کي ئي ڪرڻا هئا ته هو پاڻ ڳالهين ۾ اچي ها.