مولانا فضل الرحمان جو احتجاج ڪا وڏي ڳالهه ناهي، هو ٽڪراءُ چاهي ٿو: عطاءُ الله تارڙ

وفاقي سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو احتجاج ڪا ايتري وڏي ڳالهه ناهي، معمولي ٽريفڪ جام ٿيندي رهندي آهي، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جي جماعت جا ماڻهو به کيس سمجهائي رهيا آهن، پر هو ٽڪراءُ چاهي ٿو.
عطاءُ الله تارڙ چيو ته مولانا فضل الرحمان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته کيس پاڪستان سان گڏ بيهڻو آهي يا افغانستان ۽ طالبان سان. سندس چوڻ هو ته هو هڪ عسڪري جماعت وانگر رويو اختيار ڪري رهيا آهن، کين هڪ قدم پوئتي هٽي مسئلن جا رستا ڪڍڻ گهرجن.
وفاقي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن رستا بند نه ڪيا وڃن ته معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اهو سٺو نٿو لڳي ته مشرف جو ايل ايف او منظور ڪرائيندڙ مولانا فضل الرحمان اڄ هڪ جمهوري حڪومت جي ريفرنڊم کي غلط قرار ڏئي رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري بابت ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته بلاول اڄڪلهه وڌيڪ ڪاوڙجي رهيو آهي، کيس ريفرنڊم جي خوف ۾ نه وڃڻ گهرجي، عوامي راءِ کان ايترو خوف ڇو آهي؟
هن چيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ باني کي سياسي قيدي سمجهي ٿو ته کيس عدالت ۾ قانوني دليل ڏيڻ گهرجي. بلاول سياسي دليل جي جاءِ تي قانوني ۽ قانوني دليل جي جاءِ تي سياسي دليل ڏئي رهيو آهي.
عطاءُ الله تارڙ چيو ته پيپلز پارٽي سان اسان جا اختلاف آهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته لاڳاپا ختم ٿي ويا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صوبن بابت معاملو پارليامينٽ ۾ آيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کان به راءِ وٺي سگھجي ٿي.

پنھنجي راءِ لکو