جماعت اسلامي ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدو طئي، 1000 سي سي تائين گاڏين کي رليف پيڪيج ۾ شامل ڪيو ويو

اسلام آباد: جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيٽروليم شين بابت حڪومت سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم چيو ته پيٽرول رليف پيڪيج ۾ 1000 سي سي تائين گاڏين کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ساڍا 12 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين کي ٽريڪٽرن لاءِ ڊيزل تي رليف ڏيڻ تي به اتفاق ٿيو آهي.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته سرڪاري سطح تي 1600 سي سي کان وڏيون گاڏيون استعمال نه ڪيون وينديون.
ٻئي طرف وزيراعظم جماعت اسلامي جي معاشي تجويزن تي غور ۽ عملدرآمد لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
وزيراعظم انهن تجويزن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ ۽ تيزيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي خاطري به ڪرائي آهي.

پنھنجي راءِ لکو