جي يو آءِ جي احتجاج سبب مختلف شهرن ۾ ٽريفڪ متاثر، اهم قومي شاهراهون بند، بين الصوبائي آمدرفت به متاثر

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جي يو آءِ جي احتجاج سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي، جڏهن ته اهم قومي شاهراهون بند ٿيڻ ڪري بين الصوبائي آمدرفت به متاثر ٿي رهي آهي. شاهراهن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن، جنهن سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
احتجاج سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي. سهراب ڳوٺ ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ روڊ ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
ٽريفڪ پوليس موجب حيدرآباد کان ايندڙ گاڏين کي پنجاب اڏي کان فاريه چوڪ ڏانهن موڪليو پيو وڃي، جڏهن ته سهراب ڳوٺ کان حيدرآباد ويندڙ گاڏين کي گلشن اقبال ڏانهن موڪليو پيو وڃي.
بلوچ ڪالوني وٽ شارع فيصل بند آهي ۽ نوجوان اتي فٽبال کيڏڻ لڳا آهن.
ٺٽو-ڪراچي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني معطل آهي. مٽياري ۾ هالا ويجهو کَنڊو واري هنڌ ڪراچي ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن.
لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو بائي پاس وٽ انڊس هاءِ وي بند ٿيڻ سبب ڪراچي، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.
شڪارپور ۾ انڊس هاءِ وي ويجهو جيل چورنگي بند آهي، جنهن سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.
جيڪب آباد ۾ قومي شاهراهه بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي.
نوابشاهه ۾ قومي شاهراهه ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جنهن سبب ڪراچي ۽ پنجاب وچ ۾ آمدرفت معطل ٿي وئي آهي.
گهوٽڪي ٽول پلازا تي به ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي.
حيدرآباد ۾ واڌو واهه بائي پاس بند ٿيڻ سبب ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ متاثر آهي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.
بلوچستان ۾ چمن ويجهو اين-25 قومي شاهراهه ڪيترن هنڌن تي بند آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي.
اوٿل ۾ قومي شاهراهه بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ متاثر آهي.
قلات ۾ ڪوئيٽا-ڪراچي شاهراهه بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي.
قلعه سيف الله ۾ اين-50 قومي شاهراهه بند آهي ۽ ٽريفڪ جي رواني معطل آهي.
مستونگ ۾ به ڪوئيٽا-ڪراچي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.
سرگوڌا ۾ موٽروي انٽرچينج بند ٿيڻ سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن.
لاهور کان اسلام آباد ويندڙ موٽروي تي ڪوٽ مومن، سلام ۽ ڀيره انٽرچينجز ٻاهران جاري احتجاج سبب انهن انٽرچينجز ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ رستا بند آهن.
موٽروي پوليس مسافرن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته سفر جي منصوبابندي ڪندي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکن ۽ متبادل رستا اختيار ڪن.
خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ به احتجاج سبب مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
پشاور ٽول پلازا تي مظاهرين ٽائر ساڙي موٽروي بند ڪري ڇڏي.
چارسده ۾ پشاور-اسلام آباد موٽروي بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي.
بنون ۾ لنڪ روڊ هاءِ وي چوڪ ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
مالاڪنڊ ۾ سوات ايڪسپريس وي جو آلهه ڍنڍ ڍيري انٽرچينج ٽريفڪ لاءِ بند آهي.
ضلعي خيبر ۾ تختا بيگ وٽ پاڪ-افغان شاهراهه بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل آهي.
چلاس ۽ ٿور وٽ شاهراهه قراقرم تي به ٽريفڪ جي رواني متاثر آهي.

پنھنجي راءِ لکو