خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ مختلف سياسي جماعتن جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.
لاهور ۾ چوڌري سالڪ حسين سان ملاقات دوران پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ن) ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي اهم اڳواڻن مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
پيپلز پارٽي جي حاجي رشيد خان ڪنڊي ۽ لقمان ياسين، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي شير عالم خان مسعود ۽ آصف ڪنڊي ايڊووڪيٽ به مسلم ليگ (ق) ۾ شامل ٿي ويا.
مسلم ليگ (ن) جي قيصر نديم ايڊووڪيٽ ۽ شهزاد ملنگي، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام جي عمر معاويه به مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت اختيار ڪئي.
ضلعي پهاڙپور جي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت مخدوم زاده سيد مريد حيدر شاهه بخاري به مسلم ليگ (ق) جو حصو بڻجي ويو.
چوڌري سالڪ حسين سان حاجي رشيد خان ڪنڊي جي ملاقات دوران سياسي صورتحال ۽ پارٽي تنظيم سازي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
چوڌري سالڪ حسين نون شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي آجيان ڪندي اعلان ڪيو ته کين پارٽي ۾ اثرائتو ڪردار ڏنو ويندو.
چوڌري سالڪ حسين چيو ته مسلم ليگ (ق) کي سڄي ملڪ ۾ منظم ۽ فعال سياسي قوت بڻايو ويندو.
هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن، دهشتگردي جي خاتمي ۽ معاشي ترقي لاءِ سڀني سياسي قوتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.