سعودي عرب جي سلامتي ۽ حرمين شريفين جي حرمت تي ڪو آنچ نه اچڻ گهرجي. مڪي دفاعي اتحاد جي اهم گڏجاڻي اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جا اعليٰ سياسي ۽ عسڪري عملدار ٻن ڏينهن تائين شرڪت ڪندا.
مڪي دفاعي اتحاد جي اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل اينڊ ڊفينس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي وفد اسلام آباد پهچي رهيا آهن.
اجلاس دوران گڏيل دفاعي واعدن تي عملدرآمد لاءِ عملي انتظامن تي غور ڪيو ويندو. ٽنهي ملڪن وچ ۾ امڪاني عسڪري سهڪار، انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ فضائي دفاع ۾ سهڪار بابت ڳالهه ٻولهه ٿيڻ جو امڪان آهي.
اجلاس ۾ عسڪري هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مڪي معاهدي کي قابلِ عمل علائقائي سيڪيورٽي ڍانچي ۾ تبديل ڪرڻ ۽ معاهدي جي اداراتي فريم ورڪ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون به ڪندا.
مڪي دفاعي اتحاد جو سيڪريٽري جنرل نعمان محمود به پاڪستان ۾ موجود آهي.
جاڙن شهرن ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به امتحان مقرر شيڊول موجب ٿيندا.
وفاقي راڄڌاني ۾ پرڏيهي وفدن جي آمدرفت کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ٽريفڪ پوليس شهرين جي سهولت لاءِ ٽريفڪ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت اڄ جمعي ڏينهن ايڪسپريس هاءِ وي ۽ سري نگر هاءِ وي تي مختلف هنڌن تي مختلف وقتن دوران ٽريفڪ ڊائيورشنز هونديون.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب شهرين کي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ متبادل رستا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.