سنڌ جي گهرو کاتي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ريلي ۽ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ گهرو کاتي جي ذريعن موجب ايم ڪيو ايم 29 نومبر تي شارع فيصل تي ريلي ۽ باغ جناح ۾ جلسي جي اجازت لاءِ درخواست ڏئي رکي آهي، جيڪا ٽي ڏينهن اڳ کاتي کي ملي هئي.
ذريعن موجب ساڳئي ڏينهن سنڌ ترقي پسند پارٽي به جلسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن لاءِ درخواست گذريل مهيني سنڌ جي گهرو کاتي کي ڏني وئي هئي.
سنڌ جي گهرو کاتي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ريلي ۽ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.